مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

چين پاران چنڊ تي خلائي اسٽيشن قائم ڪرڻ جو اعلان

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

چين جي خلائي اداري CNSA (China National Space Administration)  هڪ رپورٽ ۾ چيو آهي ته چين خلائي سپر پاور بڻجڻ لاءِ پرعزم آهي. ان سلسلي ۾ چين چنڊ جي اونداهي حصي تي پهچ حاصل ڪري خاص ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آهي. چين جي خلائي اداري جي اڳواڻ زينگ ڪِي جيان اسپيس ڊَي (Space Day)  جي حوالي سان منعقد ٿيل تقريب ۾ خطاب ڪندي چيو آهي ته چين هاڻي چنڊ جي اتر پول واري حصي تي  سائنٽيفڪ رسرچ  اسٽيشن قائم ڪندو. ان سلسلي ۾ هڪ خلائي جهاز  ٽيانگونگ چنڊ ڏانهن موڪليو ويندو. ٽيانگونگ جو مطلب جنتي محل آهي. اهو جهاز 2022 ۾ چين جي خلا بازن ۽ خلائي اسٽيشن جي سامان کي چنڊ جي سطح تي لاهيندو. هن وڌيڪ چيو ته چين جو اهو منصوبو پرڏيهي خلائي اسٽيشن جي جاءِ وٺي سگهي ٿو. جنهنجو مدو 2023 ۾ پورو ٿي ويندو. هڪ ٻئي اعلان ۾ چين چيو آهي ته چين جلد ئي هڪ تحقيقاتي سيٽلائيٽ زمين جي مدار ۾ موڪلي رهيو آهي. چين پاران ٻين ملڪن کي به ان منصوبي مان فائدو حاصل ڪرڻ جي آڇ ڪئي آهي.  ان دوران چين جو چينج-5   (Change-5)مشن جرمني  هالينڊ ۽ سئيڊن جي خلائي سامان سميت زمين جي مدار ۾ پهچائيندو. ياد رهي ته چين آمريڪا بعد ٻيو ملڪ ٿي ويو آهي. جيڪو خلائي پروگرام ۾ سيڙپ ڪري رهيو آهي. 2018 ۾ چين خلائي تحقيق جي لاءِ 8 ارب  40 ڪروڙ ڊالرن جي بجيٽ جو اعلان ڪيو هيو.

 

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو