مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

سنڌ اليڪٽر سٽي ٽيڪس سڌي ريت صوبي کي منتقل ڪرڻ لاءِ نظام بڻايو وڃي: وڏو وزير

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته بجلي جي تقسيم ڪندڙ ڪمپنين سنڌ حڪومت طرفان صارفين کان بجلي بلن ذريعي وصول ڪيل ٽيڪس جي رقم صوبي کي منتقل نه ڪئي آهي. مراد علي شاهه توانائي جي اداري کي هدايت جاري ڪندي چيو ته بجلي بلن تان وصول ٿيندڙ ٽيڪس جي صوبائي حڪومت جي اڪائونٽ ۾ منتقلي جو نظام جوڙيو وڃي. وزيراعليٰ هائوس ۾ منعقد ٿيندڙ هڪ اجلاس ۾ وڏي وزير صوبي جي بجلي تقسيم ڪندڙ ڪمپنين جي اڳواڻن کي چيو ته صوبي جون سڀئي بجلي تقسيم ڪندڙ ڪمپنيون جهڙوڪ ڪي اليڪٽرڪ، سيپڪو ۽ حيسڪو گهريلو صارفين کان 1.5 سيڪڙو ۽ ڪمرشل صارفين کان 2 سيڪڙو ٽيڪس وصول ڪري رهيون آهن. صرف ڪي اليڪٽرڪ ساليانو 3 ارب رپيا ٽيڪس جي صورت ۾ وصول ڪري رهي آهي، باقي ڪمپنيون به جيڪا رقم ٽيڪس جي صورت ۾ وصول ڪن ٿيون اها صوبي ڏانهن منتقل ٿيڻ گهرجي. وڏي وزير صوبائي توانائي واري وزير کي هدايت جاري ڪئي ته هو گورنر اسٽيٽ بينڪ سان ملي ڪري اهڙو نظام جوڙي جنهن ذريعي اڳتي اها رقم سڌي ريت سنڌ حڪومت جي اڪائونٽ ۾ جمع ٿي سگهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو