مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

پنجاب جي 56 ڪمپنين مان هڪ به نه بچندي: چيف جسٽس

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

چيف جسٽس پاڪستان گلزار احمد جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بينچ ڊپٽي جنرل مئنيجر لاهور ٽرانسپورٽ ڪمپني جي ملازمت تي بحالي جي درخواست جي ٻڌڻي ڪئي. درخواستگذار محمد حنيف چيو ته لاهور ٽرانسپورٽ ڪمپني پرائيويٽ لميٽيڊ پنجاب حڪومت جي 56 ٺاهيل ڪمپنين مان هڪ آهي، هن ڪمپني ۾ بطور ڊپٽي مئنيجر ڪم ڪري رهيو هئس پر مون کي قاعدن جي خلاف ڪڍيو ويو. جسٽس اعجازالاحسن چيو ته جنهن عهدي تي ڪم ڪري رهيا هئا اهو عهدو ئي ختم ٿي ويو. چيف جسٽس چيو ته 56 ڪمپنين مان هاڻي هڪ به نه بچندي انهن جا سڀ ماڻهو گهر ويندا. سپريم ڪورٽ درخواست خارج ڪندي لاهور ٽرانسپورٽ ڪمپني جي ڪاميٽي کي محمد حنيف جو ڪيس ٻيهر ڏسڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.

 

 

 

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو