مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ڪئناڊا ۾ رهندڙ پاڪستاني سائنسدان هٿرادو دماغي چپ تيار ڪري ورتي آهي

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

ڪئناڊا ۾ رهندڙ پاڪستاني سائنسدان ڊاڪٽر نويد سيد اهڙي چپ تيار ڪئي آهي جيڪا انسان جي دماغ ۾ لڳائي ويندي جنهن سان مختلف بيمارين جي علاج ۾ مدد ملي سگهندي. ڊاڪٽر نويد سيد 20 سال هن چپ تي تجربا ۽ مشاهدا ڪيا آهن، جنهن بعد هاڻي هن پاران ٺاهيل اها چپ انساني تجربي لاءِ تيار ٿي چڪي آهي. پهرين مرحلي ۾ اها چپ اهڙن مريضن تي استعمال ڪئي ويندي جيڪي مرگي جي مرض ۾ مبتلا آهن ۽ انهن تي عام دوائون اثر نه پيون ڪن. هن قسم جي چپ ٺاهيندڙ ڊاڪٽر نويد پهريون سائنسدان آهي ۽ هن جي ان چپ جو استعمال اڳ ۾ ڪنهن به انسان تي نه ڪيو ويو آهي. هن چپ جي استعمال سان هڪ طرف مرگي جي مرض ۾ پوندڙ دورن بابت معلومات حاصل ٿي سگهندي. ته ٻئي طرف دماغ ۾ پوندڙ دورن ڪارڻ دماغ ۾ پيدا ٿيندڙ تبديلين بابت معلومات حاصل ٿيندي. ان کان علاوه هي چپ ايم آر آءِ وانگر ڪم ڪندي ۽ دماغ ۾ پوندڙ دورن جي اصل جڳهه بابت معلومات ڏيندي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو