مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

طب جي دنيا ۾ انقلاب، مليريا جي علاج لاءِ ويڪسين تيار

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

برطانيه جي خابرو اداري ٻڌايو آهي ته برطانيه جي دوائون ٺاهيندڙ ڪمپني گليڪسوسمٿ ڪلائين پاران مليريا جي علاج لاءِ نئين ويڪسين تيار ڪئي وئي آهي. هن نئين ويڪسين کي ڪينيا ۾ متعارف ڪرايو ويندو. هن دوا جي تياريءَ ۾ ڪمپني کي 30 سالن جو عرصو لڳي ويو آهي. هيءَ دوا انسان جي جسم ۾ مدافعتي طاقت کي وڌائي ٿي. جنهن سان جسم بيماريءَ جي حملي کان بچي سگهي ٿو. ويڪسين تيار ڪندڙ ڪمپني جو چوڻ آهي ته هن دوا کي آزمائشي مرحلي دوران تمام گهڻي ڪاميابي حاصل ٿي آهي. صحت واري عالمي اداري جو چوڻ آهي ته مليريا سبب هر سال 4 لک ماڻهو اجل جو شڪار ٿي وڃن ٿا. جنهن ۾ وڏو تعداد ٻارن جو هوندو آهي طبي ماهرن هن ويڪسين کي مليريا جي علاج لاءِ هڪ اهم ايجاد قرار ڏنو آهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو