مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

پنجاب کي ٻن صوبن ۾ ورهائڻ لاءِ بل پنجاب اسيمبليءَ ۾ پيش

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

پاڪستان جي وڏي صوبي پنجاب کي ٻن حصن ۾ ورهائڻ جو معاملو هڪ دفعو ٻيهر اسيمبليءَ ۾ کنيو ويو آهي.  هن دفعي هي معاملو مسلم ليگ ن جي ميمبرن رانا ثناءُ الله، احسن اقبال، رانا تنوير ۽ نجيب الدين پاران کنيو ويو آهي. قومي اسيمبليءَ  ۾ پيش ڪيل بل قومي اسيمبلي جي قانون واري قائمه ڪميٽي کي موڪليو ويو آهي. بل ۾ چيو ويو آهي ته پنجاب صوبي کي ورهائي اتر پنجاب ۽ بهاولپور جا ٻه صوبا ٺاهيا وڃن. هن موقعي تي رانا ثناءُ الله چيو ته هن معاملي تي پيپلز پارٽي به اسان جو ساٿ ڏيندي.  تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ملڪ عامر ڊوگر جو چوڻ آهي ته مسلم ليگ ن صوبا ٺاهڻ نه ٿي چاهي اها صرف سازش ڪرڻ چاهي ٿي. ياد رهي ته 2012 ۾ پيپلز پارٽي بهاولپور ۽ اتر پنجاب نالي سان ٻن صوبن وارو بل سينيٽ ۾ اڪثريت سان پاس ڪرائي چڪي آهي.

 

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو