مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

عمران خان رياست کي پنهنجن مخالفن خلاف استعمال ڪري رهيو آهي: بلاول

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

چيئرمين پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان رياست کي پنهنجن مخالفن خلاف استعمال ڪري رهيو آهي. زرداري هائوس اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته نيب ۾ پيشي جي موقعي تي پ پ ڪارڪنن مٿان ٿيل تشدد جي مذمت ڪريان ٿو. هن قسم جي طريقن کان نٿو ڊڄان اعجاز شاهه جا پراڻا طريقا نظر اچي رهيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته عمران خان هر اداري تي قبضو ڪرڻ چاهي ٿو. هو ڪنهن به قسم جي تنقيد نٿو برداشت ڪري. هي نالائق وزيراعظم آهي پنهنجي نالائقي کي لڪائڻ چاهي ٿو. حڪومت نيب کان شروع ٿي ۽ نيب تي ئي ختم ٿيندي. نيب ۽ ايف آءِ اي جي ناجائز استعمال سان خوف پکڙجندو آهي. عمران خان پنهنجي مخالفن خلاف رياست کي استعمال ڪري رهيو آهي اسان کي سليڪٽيڊ حڪومت نامنظور آهي. 

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو