مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

وزيراعظم هائوس مان هاڻي کان ئي رڙيون ٻڌڻ ۾ اچي رهيون آهن: بلاول

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

بلاول ڀٽو زرداري ٽرين مارچ ذريعي نوابشاهه پهچي ويو آهي، جتي هن ڪارڪنن سان خطاب ۾ چيو ته نيب گردي ذريعي اسان جو رستو روڪي نٿو سگهجي، نيب ڪارو قانون آهي جيڪو مشرف جي باقيات آهي. هي سمجهن ٿا ته ڀٽو جو ڏوهٽو ۽ بي بي جو پٽ ڊڄي ويو آهي. اسان آمرن کان ئي نٿا ڊڄون توهان کان ڇا ڊڄنداسين. ڌانڌلي سان ٺهندڙ حڪومت جو احتساب ٿيندو. وزيراعظم هائوس مان هاڻي کان ئي رڙيون اچڻ شروع ٿي ويون آهن. اڃان ته ٽرين مارچ جو آغاز ڪيو آهي اڃان لانگ مارچ ڪنداسين ته ڇا حال ٿيندو. بلاول چيو ته اسان کي احتساب تي ڪوبه اعتراض ڪونهي جڏهن ته احتساب جي نالي تي انتقام نه ٿيڻ گهرجي. 1973 جي آئين ۾ اسان جو رت شامل آهي ان کي ڪوبه نقصان پهچائڻ نه  ڏينداسين.  

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو