مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

جعلي بينڪ اڪائونٽ ڪيس ۾ آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر احتساب عدالت ۾ پيش

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

اڳوڻو صدر آصف علي زرداري ۽ سندس ڀيڻ فريال ٽالپر جعلي بينڪ اڪائونٽ ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ احتساب عدالت ۾ پيش ٿي ويا. ڪيس جي ٻڌڻي احتساب عدالت جي جج ارشد ملڪ ڪئي. هن موقعي تي عدالت ٻاهران پيپلز پارٽي جا اڳواڻ موجود هيا. جڏهن ته عدالت ٻاهران سخت انتظام ڪيا ويا هيا. اڄوڪي ٻڌڻي دوران ٻن ملزم عورتن شاهد بڻجڻ جي درخواست ڪئي. هنن چيو ته اسان ملزمن ۾ شامل آهيون پر اسان شاهد بڻجڻ لاءِ تيار آهيون، اسان چيئرمين نيب کي به درخواست ڏني آهي. جنهن بعد جج ارشد ملڪ ٻنهي کان سوال پڇيو ته ڇا توهان واعدو معاف گواهه بڻجنديون. جنهن جي جواب ۾ هنن ٻنهي ها ۾ جواب ڏنو. جنهن تي وڪيلن  چيو ويو ته هي وقت واعدا معاف گواهه بڻجڻ جو نه آهي. جنهن تي عدالت ٻنهي عورتن کي الڳ الڳ درخواست جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪرڻ بعد ٻڌڻي کي 16 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو