مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ڪوڙا اڪائونٽ ڪيس، آصف زرداري جڊيشل رمانڊ تي جيل منتقل

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

احتساب عدالت اسلام آباد جي جج محمد بشير ڪوڙن اڪائونٽ ڪيسن جي ٻڌڻي ڪئي، ٻڌڻي ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. ٻڌڻي دوران نيب جي پراسيڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو ته ڪيس ۾ هڪ نئين پيش رفت ٿي آهي ڪيس ۾ نامزد هڪ ملزم پاران بيان ڏنو ويو آهي ته ان کي آصف علي زرداري سان ڪنفرٽ ڪرائڻو آهي جنهن لاءِ آصف علي زرداري جو وڌيڪ جسماني رمانڊ ڏنو وڃي. هن موقعي تي آصف زرداري چيو ته عيد جي نماز به نه پڙهڻ ڏني وئي، ڌيءَ سان به نه ملڻ ڏنو ويو آهي. هن جيل اندر اي ڪلاس سهولتن جي درخواست ڪندي چيو ته هن کي رشتيدارن سان ملڻ جي اجازت ڏني وڃي، جنهن بعد احتساب عدالت آصف زرداري کي جيل موڪليندي 19 آگسٽ تي ٻيهر پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو