مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

سائنسدانن 3-ڊي پرنٽر ذريعي انساني دل پرنٽ ڪري ورتي

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

اسرائيل جي سائنسدانن پاران 3-ڊي پرنٽرز ذريعي هڪ هٿرادو دل پرنٽ ڪري ورتي آهي. عالمي ماهرن پاران چيو پيو وڃي ته هن طريقي سان انسانن جو عطيو ڪيل عضون تي ڀارڻ ختم ٿي ويندو. هن وقت تيار ڪئي ويندڙ دل جي سائيز تمام ننڍي رکي وئي آهي جيڪا سيهڙ جي دل جي سائيز جي برابر آهي پر هن قسم جي ڪامياب تجربي بعد اهو ممڪن ٿي پيو آهي ته هڪ اصل سائيز جي دل به تيار ڪئي وڃي. هي دل به اصل دل وانگر نسن ۽ چيمبرن تي مشتمل آهي. اسرائيل جي تلاوَ يونيورسٽي جي پروفيسر  تل دُوَير جو چوڻ آهي  ته هن کان پهريان ماڻهن دل جا ٻيا ماڊل پرنٽ ڪيا هئا. پر هي پهريون دفعو آهي جو انساني دل ۾ نسون ۽ چيمبر به تيار ڪيا ويا آهن. اسان جي هن ڪوشش بعد انسان جي جسم جا مختلف عضوا تيار ڪرڻ ممڪن ٿي ويو آهي. واضح رهي ته هر سال هرٽ فيل ٿيڻ سبب دنيا ۾ 610000 ماڻهو موت جو شڪار ٿي وڃن ٿا.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو