مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

سنڌ، بلوچستان ۽ خيبر پختونخوا جي واپارين اڄ کان ڪاروبار کولڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

سنڌ، بلوچستان ۽ خيبر پختونخوا جي واپاري تنظيمن اڄ کان ڪاروبار کولڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. جڏهن ته پنجاب جي واپارين به ڪاروبار کولڻ جي اجازت گهري ورتي آهي. ان حوالي سان ڪالهه ڪراچي ۾ سنڌ واپاري اتحاد جي چيئرمين جميل پراچا، انجمن تاجران سنڌ جي صدر جاويد شمس، آل سٽي واپاري اتحاد جي صدر شرجيل گوپلاڻي، سمال ٽريڊرز جي صدر محمود حامد، ڪراچي اليڪٽرانڪس مارڪيٽ ايسوسئيشن جي صدر رضوان عرفان ۽ ٻين گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته گورنر ۽ وزيراعليٰ هائوس جي پاڻ ۾ ويڙهه واپارين کي ان صورتحال ۾ آڻي بيهاريو آهي ته اڄ انهن جي گهرن ۾ چلها نه پيا ٻرن، اسان جا ننڍا واپاري بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن. تنهنڪري اسان اڄ کان پنهنجا دڪان کولڻ لاءِ تيار آهيون، گرفتاريون ڏينداسين پر پوئتي نه هٽنداسين (سنڌ جا واپاري). بلوچستان جي واپارين جو چوڻ آهي ته لاڪ ڊائون وڌيڪ برداشت نٿا ڪري سگهون، حڪومت کي ٻڌائي ڇڏيو آهي ته اڄ ڪاروبار کولينداسين. خيبر پختونخوا جي واپارين جو چوڻ آهي ته ننڍا واپاري فاقا ڪشي تي مجبور ٿي ويا آهن ۽ پنجاب جي واپارين جو صنعتن واري وزير سان ڳالهين ۾ مطالبو آهي ته اسان کي ڪاروبار کولڻ جي اجازت ڏني وڃي

 

 

 

 

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو