مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

سنڌ ۾ رمضان دوران ڪاروبار 6 ڪلاڪ کولڻ جو اعلان

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

رمضان دوران شام 5 وڳي کانپوءِ لاڪ ڊائون ٿيندو. سنڌ حڪومت طرفان رمضان ۾ ڪاروبار صبح 9 وڳي کان 3 وڳي تائين کلندو. ڪريانه اسٽور صبح 8 وڳي کان شام 5 وڳي تائين، تيار کاڌن جي فراهمي شام 5 وڳي کان رات 10 وڳي تائين ٿي سگهندي، روزي رکڻ وقت فراهمي نه ٿيندي. ان حوالي سان ڪالهه وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت ۾ رمضان المبارڪ جي مهيني دوران ڪاروباري سرگرمين بابت ايس او پيز تيار ڪرڻ لاءِ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ صوبائي وزير سعيد غني، امتياز شيخ، مڪيش چاولا، ناصر حسين شاهه، صلاحڪار مرتضيٰ وهاب، چيف سيڪريٽري سنڌ ممتاز علي شاهه، آءِ جي پوليس مشتاق مهر ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وڏي وزير چيو ته سومر کان خميس تائين ڪاروباري سرگرميون صبح 9 وڳي کان 3 وڳي تائين کليل رهنديون. جڏهن ته ريزڪي اسٽور صبح 8 وڳي کلندا جيڪي شام 5 وڳي تائين کليل رهندا. جڏهن ته رمضان جي احترام بابت آرڊيننس جاري رهندو، پڪل کاڌي پيتي جي فراهمي شام 5 وڳي کان رات 10 وڳي تائين ٿي سگهي ٿي

 

 

 

 

 

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو