مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

آمريڪا پاران ڀارت ۾ 6 ايٽمي تنصيبون لڳائڻ جي خاطري

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

آمريڪا ڀارت کي ملڪ اندر 6 سول ايٽمي تنصيبون لڳائي ڏيڻ جي خاطري ڪرائي آهي. هن معاملي تي ٻنهي ملڪن وچ ۾ 10 سالن کان ڳالهيون جاري هيون. هن قسم جي خاطري ڀارت ۽ آمريڪا وچ ۾ ٿيندڙ نائين اسٽريٽيجڪ سيڪيورٽي  ڊائلاگ ۾ ڪرائي وئي. جڏهن ته هن معاملي بابت وڌيڪ تفصيل جاري نه ڪيا ويا آهن. اجلاس ۾ ٻنهي ملڪن پاران عالمي سيڪيورٽي جي چئلينجز تي ڳالهايو ويو ۽ هٿيارن جي ڦهلاءُ ۽ انهن جي دهشتگردن تائين پهچ کي روڪڻ لاءِ ملي ڪري ڪم ڪرڻ تي زور ڏنو ويو. ياد رهي ته ڀارت اندر ايٽمي تنصيبون لڳائڻ لاءِ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڳالهيون 10 سالن کان هلي رهيون هيون جڏهن ته بين الاقوامي قانون سبب اهو معاملو رڪيل رهيو هو.  

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو