مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

 آمريڪا پاڪستان جي مالي امداد ۾ وڌيڪ 44 ڪروڙ ڊالرن جي گهٽتائي ڪري ڇڏي

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

9 سال اڳ آمريڪا پاران اعلانيل ڪيري لوگر بل تحت پاڪستان کي ملندڙ مالي امداد مان آمريڪا 44 ڪروڙ ڊالر جي رقم ۾ گهٽتائي ڪري ڇڏي آهي. جنهن بابت وزيراعظم عمران خان جي آمريڪا واري دوري کان اڳ به حڪومت کي آگاهه ڪيو ويو هو. خبرن موجب مالي امداد 2010 ۾ آمريڪا ڪيري لوگر بل تحت 7 ارب ڊالر ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو جيڪو مختلف قسطن ۾ پنجن سالن جي عرصي ۾ ادا ٿيڻو هو. 2010 کانپوءِ پاڪستان ۽ آمريڪا جي لاڳاپن ۾ ڪشيدگي اچڻ بعد آمريڪا ان رقم ۾ گهٽتائي ڪندو رهيو آهي. واضح رهي ته پاڪستان ان ڪٽوتي تحت متاثر ٿيڻ وارو اڪيلو ملڪ نه آهي جڏهن ته اهو عمل آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران ترقي ڪندڙ ملڪن لاءِ رکيل رقم ۾ گهٽتائي ڪئي وئي آهي جنهن تحت پاڪستان جي مالي امداد ۾ به گهٽتائي ڪئي وئي آهي.

 

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو