مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

سموريون ڪوششون عام ماڻهو کي رليف ڏيڻ لاءِ هئڻ گهرجن: وزيراعظم

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سڀ ڪوششون عام ماڻهو کي رليف ڏيڻ لاءِ هئڻ گهرجن. مختلف شعبن کي ملندڙ سبسڊي جي عمل جي سخت نگراني جي ضرورت آهي. موجوده اقتصادي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ آئوٽ آف باڪس حل ڪڍڻو پوندو. ڪالهه وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ڪورونا بابت معاشي اثرن بابت جائزي جو اجلاس ٿيو. ناڻي واري وزارت پاران هلندڙ مالي سال جي پهرين 9 مهينن ۾ معاشي ڏکائين ۽ ڪورونا وائرس جي معيشت تي پوندڙ اثرن بابت ڄاڻ ڏني. حڪومت پاران ساڍا 12 ارب رپيا اعلان ڪيل معاشي پئڪيج تي عمل جو به جائزو ورتو ويو. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته ننڍي ڪاروبار ۽ زرعي شعبن تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. ننڍي ڪاروبار ۽ زرعي شعبي کي ملازمتون پيدا ڪرڻ جي لاءِ ذريعو بڻايو وڃي. پي ايس ڊي پي ۾ رٿائون شروع ڪرڻ بدران هلندڙ منصوبن کي جلد مڪمل ڪيو وڃي. ترقياتي منصبون ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ماڊل اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي

 

 

 

 

 

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو