مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

افغانستان ۾ اڳوڻي صحافي عورت قتل

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

صحافين لاءِ خطرناڪ قرارملڪ طور سڃاڻپ رکندڙ افغانستان ۾ اڳوڻي عورت صحافڻ کي گولي هڻي قتل ڪيو ويو آهي. صحافي عورت جو نالو مينا منگل ٻڌايو ٻڌايو پيو وڃي. مينا منگل افغانستان ۾ ٽي وي چينل تي پروگرام ڪندي هئي، صحافت ڇڏڻ بعد هوءَ پارليامينٽ لاءِ ثقافتي صلاحڪار طور ڪم شروع ڪيو هيو. افغانستان جي داخلا واري وزارت پاران چيو ويو آهي ته مينا منگل کي اوڀر ڪابل ۾ ڏينهن ڏٺي گولي هڻي قتل ڪيو ويو آهي. افغانستان ۾ عورتن جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ عورت ايڪٽِوِسٽِ وزهما فروغ چيو آهي ته مينا منگل کي ڪجهه ڏينهن کان ڌمڪيون ملي رهيون هيون. ٻئي طرف هن وقت تائين ڪنهن به گروپ پاران مينا منگل جي قتل جي ذميواري قبول نه ڪئي آهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو