مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

جعلي اڪائونٽ ڪيس، آصف زرداري خلاف هڪ ٻيو واعدا معاف گواهه تيار

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ جعلي اڪائونٽس ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، ٻڌڻي ۾ آصف علي زرداري ۽ سندس ڀيڻ فريال ٽالپر عدالت ۾ پيش ٿيا. اڄ ڪيس ۾ هڪ وڌيڪ اڳڀرائي ٿي جنهن ۾ هڪ ٻئي ملزم آصف زرداري خلاف واعدا معاف گواهه بڻجڻ جي درخواست ڏيئي ڇڏي آهي. پوليس مطابق ملزم شير محمد واعدا معاف گواهه بڻجڻ جي درخواست ڪئي آهي جنهن جو جائزو وٺي رهيا آهيون. ٻڌڻي دوران جج سوال ڪيو ته ڪراچي ۾ گرفتار ملزم حسين لوائي سميت ٻيا چار ملزم ڪٿي آهن ۽ اهي عدالت ۾ پيش ڇو نه پيا ٿين. جنهن جي جواب ۾ چيف پراسيڪيوٽر ٻڌايو ته چيف سيڪريٽري کي انهن ملزمن جي حوالگي لاءِ ٻه خط لکيا آهن پر ڪوبه جواب نه مليو آهي. جج ارشد ملڪ چيو ته نيب اهو معاملو چيف سيڪريٽري تائين پهچائي. جڏهن ته اسان سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪريون ٿا. واضح رهي ته هن ڪيس ۾ ٻه ملزم عورتون به واعدا معاف گواهه بڻجي چڪيون آهن.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو