مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

 سنڌ اندر ڇهه مهينن ۾ ڪتن هٿان ڏاڙهيل ماڻهن جو تعداد 92 هزار رهيو

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

سنڌ اسيمبلي ۾ صوبائي صحت واري وزير عذرا پيچوهو چيو آهي ته صوبي اندر گذريل ڇهه مهينن ۾ ڪتن هٿان ڏاڙهيل مريضن جو تعداد 92 هزار ٿي ويو آهي. جڏهن ته ڪتن جي ڏاڙهيل ماڻهن جي علاج لاءِ استعمال ٿيندڙ دوا چين ۽ ڀارت مان گهرائي ويندي هئي. چين ۾ اها دوا ٺاهڻ بند ڪئي وئي آهي ۽ ڀارت سان ڪشيدگي سبب ان دوا جي پاڪستان گهرائڻ بند هجڻ سبب اها دوا هن وقت سنڌ ۾ موجود نه آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسان چين مان اها دوا گهرائيندا رهياسين جڏهن ته چين ۾ ريبيز بيماري جي خاتمي ٿيڻ سبب چين ۾ ان دوا جي پروڊڪشن بند ڪئي وئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته ريبيز جي وائرس صرف ڪتن جي چڪ سان نه ڦهلجندي آهي پر مرون جي چڪ سان به ڦهلجندي آهي. هن چيو ته صوبي اندر هن دوا جا صرف 6029 نمونا موجود آهن. صوبي اندر ڪتن هٿان ڏاڙهيل مريضن ۾ وڏو انگ ٻارن جو آهي. هن وڌيڪ چيو ته هڪ ته اسان وٽ دوا موجود نه آهي ٻيو ڪتن جو وڌندڙ تعداد به هڪ اهم سبب آهي جنهن سان ريبيز پکڙجي رهي آهي.

 

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو