مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

هائوسنگ رٿائن ۾ 90 سيڪڙو ٽيڪس ڇوٽ، سيڙپڪاري تي آمدني جا ذريعا نه پڇيا ويندا

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

وفاقي ڪابينا تعميراتي صنعت لاءِ آرڊيننس جي منظوري ڏيئي ڇڏي آهي. جنهن تحت بلڊرز ۽ لينڊ ڊولپرز کي خاص ٽيڪس مراعتون ڏنيون وينديون. اڏاوتي منصوبن ۾ سيڙپڪاري تي آمدن جا ذريعا نه پڇيا ويندا. نيا پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جي گهٽ خرچ وارن گهرن لاءِ ٽيڪس کي 90 سيڪڙو تائين گهٽ ڪيو ويو آهي. آرڊيننس تحت بلڊرز ۽ لينڊ ڊولپرز کي اها سيڙپڪاري 31 ڊسمبر تائين بينڪ اڪائونٽس ۾ جمع ڪرائڻي پوندي، پر بلڊرز ۽ لينڊ ڊولپرز سيڙپڪاري کي بينڪ اڪائونٽن مان ڪڍڻ جا مجاز هوندا ۽ ان کي اڏاوتي منصوبن ۾  استعمال ڪندا. بلڊر ۽ لينڊ ڊولپر ان سيڙپ کي 30 سيپٽمبر 2022 تائين ڪراس چيڪ ذريعي استعمال ڪري سگهندا. جڏهن ته آرڊيننس تحت بلڊرن ۽ لينڊ ڊولپرن کي انڪم ٽيڪس ۽ ڪيپيٽل گين ٽيڪس جي ڇوٽ حاصل هوندي. آرڊيننس سيپٽمبر 2022 تائين مڪمل ٿيندڙ منصوبن تي لاڳو هوندو

 

 

 

 

 

 

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو