مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

سنڌ ۾ هڪ فوت، هڪ گهر جي ستن ڀاتين سميت 92 نوان ڪيس، وڏي وزير کي ڳڻتي

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

سنڌ ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 92 ڪيس ظاهر ٿيا ويا، صوبي ۾ مريضن جو ڪل انگ 1128 ٿي ويو، هڪ مريض فوت ٿيو آهي، فوتين جو انگ 21 ٿي ويو. ڪراچي جي مرڪزي ضلعي جي ڪچي آبادي ۾ هڪ ئي ڪٽنب جي ستن ماڻهن ۾ ڪورونا وائرس ظاهر ٿيو آهي. ڪٽنب جو اڳواڻ ٻاهران اهو وائرس کڻي گهر آيو هو. سڄي ڪٽنب سميت هڪ سال جي پٽ ۽ ڇهن سالن جي ڌيءَ ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي آهي. وڏي وزير اپيل ڪندي چيو آهي ته ڪچي آبادي ۾ رهندڙ ڀينرن ۽ ڀائرن کي گذارش آهي ته راشن ۽ امداد ضرور وٺو پر ان سان گڏ ڪورونا وائرس گهر نه کڻي وڃجو، راشن ۽ امداد وٺڻ وقت هڪٻئي کان فاصلو اختيار ڪريو، هر ماڻهو ۽ اداري کي حفاظتي تدبيرن کي اختيار ڪرڻو پوندو

 

 

 

 

 

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو