مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

سنڌ ۾ ڪورونا جا 66 نوان ڪيس ظاهر، انگ 1518 ٿي ويو، وڌيڪ 4 فوت

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

سنڌ ۾ 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا جا 66 نوان ڪيس ظاهر ٿيا ويا. مريضن جو انگ 1518 ٿي ويو، وڌيڪ 4 متاثر فوت ٿي ويا. ان حوالي سان سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا جون 663 ٽيسٽون ڪيون ويون، جنهن مان 66 مثبت ظاهر ٿيون آهن جڏهن ته چار ڄڻا فوت ٿي ويا. فوت ٿيندڙن جي شرح 2.3 سيڪڙو ٿي وئي آهي. هيستائين ڪيل ٽيسٽن جو انگ 14503 ٿي ويو آهي. جڏهن ته مثبت ڪيسن جو انگ 1518 ٿي ويو آهي. فوتگين جو انگ 35 ٿي ويو آهي. 671 مريض پنهنجن گهرن ۾ آئيسوليشن ۾ آهن، 58 آئيسوليشن مرڪزن ۽ 327 مختلف اسپتالن ۾ علاج هيٺ آهن. وڏي وزير چيو ته 1518 ڪيسن مان 1003 ڪراچي ۾ آهن، جيڪا ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي. هن چيو ته ڪراچي ۾ ڪورونا جي وڌندڙ ڪيسن سبب گهرن ۾ به رضا ڪاراڻي معاشرتي دوري جهڙيون سخت احتياطي تدبيرن کي اختيار ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ ڪچي آبادي وڌيڪ متاثر ٿيندي. هن چيو ته ٽيسٽنگ مهم ڪچي آبادين ۾ به جاري رهندي

 

 

 

 

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو