مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

 ملڪ ۾ هر سال 60 هزار ٻار دل جي بيماري سبب پيدا ٿين ٿا

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

اين آءِ وي سي ڊي جي هڪ سيمينار ۾ ڳالهائيندي ڊاڪٽر نجمه پٽيل چيو آهي ته ملڪ ۾ هر سال 60 هزار ٻار دل جي بيمارين سان پيدا ٿي رهيا آهن. جنهن مان 25 سيڪڙو ٻارن کي سرجري جي ضرورت پوندي آهي. جڏهن ته بلوچستان ۾ ڪابه اهڙي اسپتال نه آهي جتي اهڙن ٻارن جو علاج ٿي سگهي. هن وڌيڪ چيو ته اهڙن ٻارن کي سڄي عمر خاص علاج جي ضرورت هوندي آهي. ساڳئي وقت ڪجهه مريضن جو مرض تشخيص ئي نه ٿيندو آهي ته انهن کي اها دل جي بيماري آهي ۽ اهي علاج بنا ئي مري ويندا آهن. ان کان علاوه ڪجهه مريض ته پئسا نه هجڻ سبب علاج بنا ئي فوت ٿي ويندا آهن. جڏهن ته انهن جي مرض جي تشخيص به وقت تي ٿي ويندي آهي. ڊاڪٽر نجمه ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ملڪ ۾ بنيادي صحت جي نظام کي بهتر بنائڻ سان گڏ علاج جي سهولتن کي وڌائڻ ۽ بيماريءَ لاءِ جاڳرتا پيدا ڪرڻ گهرجي.

 

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو