مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ڪي پي ڪي  ۽ بلوچستان ۾ پوليو جا 4 نوان ڪيس ظاهر

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

سڄي دنيا ۾ صرف ڪجهه ئي ملڪ بچيا آهن جن ۾ پوليو جو مرض اڃان به باقي آهي. انهن ملڪن مان پاڪستان به هڪ آهي. ڪالهه ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان مان 4 نوان پوليو جا ڪيس ظاهر ٿيا آهن. جنهن کان پوءِ، هلندڙ سال پاڪستان ۾ پوليو جي ظاهر ٿيل ڪيسن جي تعداد 41 ٿي وئي آهي. ڪي پي ڪي جي بنون واري علائقي ۾ ٻن ٻارن ۾ پوليو ظاهر ٿيو آهي. جڏهن ته بلوچستان جي علائقن جعفرآباد ۽ قلعه سيف الله مان به ٻه ڪيس ظاهر ٿيا آهن. ياد رهي ته ڪي پي ڪي جي بنون واري علائقي ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪيس ظاهر ٿيا آهن جتي هن سال ڪل 16 ٻارن ۾ پوليو جو مرض ظاهر ٿيو آهي.هن وقت دنيا ۾ پوليو جو خاتمو ٿي چڪو آهي پر اڃان به ڪجهه ملڪ آهن جن ۾ پوليو جو مرض موجود آهي. جن مان پاڪستان ۽ افغانستان شامل آهن. پاڪستان ۾ هن سال 41 ڪيس ظاهر ٿيا جن مان 33 ڪي پي ڪي مان آهن. جڏهن ته گذريل سال اهڙن ڪيسن جو تعداد 12 ۽ 2017 ۾ 8 هئو. پوليو هڪ خطرناڪ مرض آهي جيڪو پوليو وائرس جي ذريعي پکيڙجي ٿو. جنهن جا متاثر گهڻو ڪري 5 سالن کان گهٽ عمر جا ٻار هوندا آهن. هي وائرس،  نروس سسٽم تي حملو ڪندو آهي، جنهن سان فالج ٿيڻ سميت موت به واقع ٿي سگهي ٿو.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو