مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ٽي ڏينهن پوليو جي مهم ۾ 20800 ٻار ڦڙا پيئڻ کان رهجي ويا

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

پوليو مهم لاءِ قائم ٿيل ايمرجنسي آپريشن سينٽر جي ترجمان چيو آهي ته گذريل ٽي ڏينهن حيدرآباد ۾ هلندڙ پوليو مهم دوران 20800 ٻار پوليو جا ڦڙا پيئارڻ کان رهجي ويا آهن. جنهن ۾ 2800 ٻار اهي آهن جن جي والدين ڦڙا پيئارڻ کان انڪار ڪيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ نئين مهم شروع ڪئي ويندي ان ۾ انهن ٻارن کي به ڦڙا پياريا ويندا. ياد رهي ته گذريل هفتي حيدرآباد ۾ پوليو جا ٻه ڪيس ظاهر ٿيا هئا. جنهن ۾ هڪ ٻار جي عمر 10 سال ۽ ٻئي جي عمر هڪ سال هئي. ان کان اڳ هڪ ڪيس 2012 ۾ سحرش نگر ۾ ظاهر ٿيو هو. گذريل ڏينهن ۾ هلايل مهم ۾ ڪل 255000 ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيئارڻا هئا جنهن مان وڏي تعداد ۾ ٻار رهجي ويا آهن. واضح رهي ته 20800 مان 18000 ٻار رهجي ويا هئا جيڪي ڪنهن سبب جي ڪري گهر ۾ موجود ڪونه هئا.

 

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو