مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

 سنڌو درياءَ ۾ چاڙهه سبب 250 ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

ٻوڏ جي پاڻي دادو ۽ ڄامشوري جا 150 ۽ سکر، لاڙڪاڻي ۽ گهوٽڪي جا هڪ سئو ڳوٺ ٻوڙي ڇڏيا، جنهن سبب هزارين ايڪڙن تي بيٺل فصل به ٻڏي ويو آهي. پاڻي هيٺ آيل علائقن جي ڳوٺاڻن کي لوڪل انتظاميه لڏي وڃڻ لاءِ چيو هو، جنهن تي ڳوٺاڻا علائقا ڇڏي هليا ويا. پاڻي هيٺ آيل ڳوٺن ۾ سونا بنڊي، نئون ڳوٺ، دودو ڪلهوڙو، دينپور، ڪي ٽي جتوئي، نئون ديرو، پراڻو ديرو، سن مانجهند، ٻڍاپور ۽ انڙ پور شامل آهن. حڪومتي ذريعن پاران چيو ويو آهي ته اڄ گڊو ۾ پاڻي جي ليول 422653 ڪيوسڪ ۽ سکر بئراج ۾ 360125 ڪيوسڪ تونسا وٽ 342978 ڪيوسڪ ۽ ڪوٽڙي ۾ 185015 ڪيوسڪ رهيو.

 

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو