مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

حيدرآباد مان اغوا ٿيل ڀيڻ ۽ ڀاءُ فوت ٿي ويا

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

اربع رات حيدرآباد جي جي. او. آر ڪالوني واري علائقي جي رهواسي 10 سالن جي رخسانه ۽ 8 سالن جو ڀاءُ قادر بخش دڪان تان سامان خريد ڪرڻ لاءِ ويا ته رستي ۾ اغوا ٿي ويا، جنهن بعد قادر بخش ڪوهسار واري علائقي مان زخمي حالت ۾ هٿ آيو هو جڏهن ته رخسانه لطيف آباد جي 10 نمبر واري علائقي مان مئل حالت ۾ ملي. قادر بخش کي اسپتال پهچايو ويو جتي هو زخمن جا تاب نه سهندي فوت ٿي ويو. ٻارن جي مائٽن ٻڌايو ته قادر بخش زخمي حالت ۾ گهروارن کي قاتل بابت ٻڌايو ته هن اسان ٻنهي کي اسڪوٽر تي لفٽ ڏني ۽ چيو ته هو کين دڪان تي وٺي ويندو رستي ۾ هن قادر بخش کي لاهي چيو ته هو اتي انتظار ڪري ۽ هو رخسانه کي اڳيان وٺي ويندو، جنهن تي قادر بخش گڏ هلڻ جو ضد ڪيو ته قاتل هن کي چاقو جا وار ڪري زخمي ڪري ڇڏيو ۽ رخسانه کي ساڻ وٺي ويو. ٻارن جي هڪ ٻئي رشتيدار صحافين کي ٻڌايو ته قاتل هنن جي علائقي ۾ 10 سالن کان رهائش پذير آهي ۽ اسان کي ان تي بلڪل به شڪ نه ٿيو.

 

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو