مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ملڪ ۾ 14079 ڪورونا مريضن جي تصديق، فوتين جو انگ 301 ٿي ويو آهي

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

نيشنل ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن مطابق ملڪ ۾ 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 751 ماڻهن ۾ وائرس جي تشخيص ٿي آهي، جنهن کانپوءِ ڪورونا ڪيسن جو تعداد 14 هزار 79 ٿي ويو آهي. جڏهن ته انهن مان 3233 ماڻهو صحتياب ٿي ويا آهن. سرڪاري انگن اکرن مطابق ڪورونا جون هيستائين هڪ لک 57 هزار 223 ٽيسٽون ڪيون ويون آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي شڪ ۾ 6417 ماڻهن جا ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان 751 ماڻهن ۾ ڪورونا جي تشخيص ٿي آهي، هيستائين ملڪ ۾ ڪورونا جا 301 مريض فوت ٿي چڪا آهن. ان کانسواءِ ملڪ ۾ ڪورونا جي 111 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. خيبر پختونخوا ۾ 104، سنڌ ۾ 85، پنجاب ۾ 91، بلوچستان ۾ 14 ۽ گلگت بلتستان ۾ 3 ماڻهو ڪورونا سبب فوت ٿي چڪا آهن

 

 

 

 

 

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو