مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

هٿيار بندن مڪران جي ڪوسٽل هاءِ وي تي 14 مسافرن کي بس مان لاهي قتل ڪري ڇڏيو

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

آءِ جي پي بلوچستان  محسن حسن بٽ مطابق بلوچستان ۾ ڪوئٽيا جي علائقي اورماڙا ۾ ڪوسٽل هاءِ وي ويجهو رات جو ساڍي ٻارهين کان 1 وڳي جي وچ ۾ 15 کان 20 هٿيار بندن ڪراچي کان گوادر ويندڙ 6 بسن  کي روڪي انهن ۾ موجود 16 مسافرن جا  شناختي ڪارڊ ڏسي پهريان بسن مان لاٿو ۽ پوءِ انهن مان 14 ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو. جڏهن ته ٻه ڄڻا ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. جيڪي بعد ۾ ليويز جي چيڪ پوسٽ پهچي ويا. ٻنهي ڄڻن کي اسپتال پهچايو ويو. آءِ جي پي چيو ته هي ٽارگيٽ ڪلنگ آهي ۽ قتل ٿيندڙ ماڻهن جا شناختي ڪارڊ ڏسڻ بعد انهن کي ويجهو کان گوليون هڻي قتل ڪيو ويو آهي. هٿيار بندن جي سڃاڻپ ۽ قتل جو سبب معلوم ناهي ٿي سگهيو ۽ پوليس پاران مقتولن جي سڃاڻپ به ظاهر نه ڪئي وئي آهي. واقعي بعد ليويز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار پهچي ويا جنهن بعد لاشن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو جڏهن ته واقعي جي تحقيقات شروع ڪئي وئي آهي. ياد رهي ته هن قسم جي دهشت گردي جا واقعا اڳ ۾ به ٿيندا رهيا آهن. 2015 ۾ هڪ واقعي ۾ مستونگ جي علائقي ۾ ڪراچي کان ايندڙ ڪوچن مان 2 ڊزن ماڻهن کي لاهي اغوا ڪيو ويو ۽ انهن مان 19 ڄڻن کي قتل ڪيو ويو. خبرن موجب وزير اعظم عمران خان  پاران واقعي جي رپورٽ طلب ڪرڻ سان گڏ مجرمن جي شناخت ڪندي انهن کي قرار واقع سزا ڏيڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو