مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

لاڙڪاڻي جي 13 ٻارن ۾ ايڊز جي تصديق

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

سنڌ جي شهر لاڙڪاڻي جي تعلقي رتو ديروجي 13 ٻارن ۾ ايڇ آءِ وي ٽيسٽ پازيٽو مليو آهي. رتو ديرو جي 16 ٻارن جي رت جي نمونن کي ايڇ آءِ وي جي تشخيص لاءِ ليبارٽري موڪليو ويو هيو. انچارج ايڊز ڪنٽرول پروگرام چيو آهي ته هي وائرس آلوده رت جي منتقلي سان ٻارن ۾ اچي سگهي ٿو. انچارج پيٿالوجسٽ پي پي ايڇ آءِ جيڪب آباد ٻڌايو ته 16 مان 13 ٻارن ۾ ايڊز وائرس ملڻ جي تصديق ٿي آهي. متاثر ٻار 4 مهينن کان 8 سالن جي عمر جا آهن. ان حوالي سان انچارج ايڊز ڪنٽرول پروگرام ڊاڪٽر ڀولا رام جو چوڻ آهي ته ٻارن جي والدين جي به ٽيسٽ ڪرائي ويندي. سرڪاري انگن اکرن جي مطابق لاڙڪاڻي ۾ ايڊز جي رجسٽرڊ مريضن جي تعداد 2400 کان وڌيڪ آهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو