مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

بدين ۾ ڪورونا وائرس ۾ مبتلا پهريون شخص فوت، ڳوٺ سيل

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

پنگريو لڳ ڳوٺ محمد يعقوب سهتو جو رهواسي ڪالهه ڪورونا جي شڪ ۾ انڊس اسپتال بدين آندو ويو جتي سندس حالت خراب هجڻ سبب کيس جناح اسپتال ڪراچي نيو ويو، جتي هو فوت ٿي ويو. جناح اسپتال ۾ ڪيل ٽيسٽ ۾ ڪورونا پازيٽو آيو آهي، جڏهن ته گولاڙچي جي ٻن رهواسين ۾ علامتون ظاهر ٿيڻ سبب سندن ٽيسٽون ڪيون ويون آهن، جيڪي ڪراچي ليبارٽري ڏانهن اماڻيون ويون آهن. ڳوٺ محمد يعقوب سهتو ۾ ڪورونا وائرس جو ڪيس ظاهر ٿيڻ کانپوءِ پوليس ڳوٺ کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو آهي. ڊاڪٽرن جي ٽيم ڳوٺ ۾ موجود آهي. سنڌ حڪومت پاران لاڪ ڊائون جي 13 هين ڏينهن بدين شهر بند رهيو. پوليس ۽ رينجرز شهر جي مختلف چوڪن تي الرٽ رهي. جڏهن ته گشت جو سلسلو پڻ جاري رهيو. انڊس اسپتال جي سينئر ڊاڪٽر عباس علي شاهه پريس ڪلب ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ماڻهو احتياط ڪن ۽ گهرن ۾ رهن. ڪورونا جون علامتون ظاهر ٿيڻ جي صورت ۾ انڊس اسپتال ۾ پنهنجو معائنو ڪرائين

 

 

 

 

 

 

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو