مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ڪورونا: واپارين جي تنظيم لاڪ ڊائون کي رد ڪري ڇڏيو

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

ڪورونا وائرس جي روڪٿام لاءِ حڪومت جي لاڪ ڊائون کي رد ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي آل پاڪستان انجمن تاجران جي صدر اجمل بلوچ ۽ سيڪريٽري نعيم مير دڪا، شادي هالن ۽ تعليمي ادارا بند ڪرڻ جهڙين سفارشن کي رد ڪري ڇڏيو. هن جو چوڻ هو ته ماڻهو بهتر ڄاڻن ٿا ته ڪورونا کي ڪيئن منهن ڏيڻو آهي، هزارين ماڻهن جا جلسا ٿي رهيا آهن، اتي ڪورونا نٿو ڦهلجي؟ پريس ڪانفرنس ۾ صدر اجمل بلوچ ۽ نعيم مير جو چوڻ هو ته هن ڀيري لاڪ ڊائون ۾ ڪام ڊائون نه ڪنداسين، نااهل ۽ ڪرپٽ حڪومت ڪورونا جي آڙ ۾ پهريان ئي اربين رپيا کائي چڪي آهي. واپاري اڳواڻن جو وڌيڪ چوڻ هو ته حڪومت جيڪڏهن زبردستي ڪئي ته دڪان بند ڪري پي ڊي ايم جي جلسي ۾ شامل ٿينداسين.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو