مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ڪوئيٽا ۾ پي ڊي ايم پاران ڀرپور عوامي طاقت جو مظاهرو، حڪومت کان مستعفي ٿيڻ جو مطالبو

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) ڪوئيٽا ۾ ڀرپور عوامي طاقت جو مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي پي ڊي ايم ۽ جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته فرانس ۽ ڊينمارڪ وڏو ڏوهه ڪيو آهي. اسان فرانس ۽ ڊينمارڪ کي پيغام ڏيون ٿا ته توهين آميز خاڪن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا، اهڙا ناپاڪ قدم فوري طور روڪيا وڃن. جڏهن اهڙا ناپاڪ قدم ٿيندا ته ياد رکو ته ردعمل به ايندو. هن چيو ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي خلاف ريفرنس بدنيتي تي قرار ڏنل عدالتي فيصلي کانپوءِ توهان وٽ حڪومت ۾ رهڻ جو ڪو جواز ناهي، عدالت سڳوري جو فيصلو واضح طور تي اعلان ڪري رهيو آهي ته پي ڊي ايم جو موقف صحيح آهي، جيڪڏهن ڪي به اخلاقي قدر موجود آهن ته وزيراعظم ۽ صدر کي اقتدار ۾ رهڻ جو ڪوبه جواز ناهي. ڪوئيٽا ۾ پي ڊي ايم جي جلسي کي گلگت مان وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو چيو ته پيپلزپارٽي پي ڊي ايم کان پوئتي نه هٽندي، اسان اڳيان ٻه قدم وڌي سگهون ٿا، پر پوئتي هٽڻ وارا ناهيون. هن جو چوڻ هو ته عمران خان سنڌ پوليس کي پنهنجي ٽائيگر فورس بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو، آئون سلوٽ ڪريان ٿو سنڌ پوليس کي جيڪا ٽائيگر فورس نه بڻي. پيپلزپارٽي ۽ جيالا ملڪ جي ادارن کي تباهه ڪرڻ ۽ ٽائيگر فورس ۾ تبديل نه ڪرڻ ڏيندا. ڪوبه پاڪستاني عمران خان کي ان ڳالهه جي اجازت نه ڏيندو. ڪوئيٽا ۾ پي ڊي ايم جي جلسي کي خطاب ڪندي مسلم ليگ (ن) جي نائب صدر مريم نواز چيو ته هاڻ عوام جي حاڪميت جو سج اڀرڻ وارو آهي، ووٽ کي پيرن هيٺان لتاڙڻ جو سلسلو بند ۽ ڪٺ پتلين جي راند هاڻ ختم ٿيڻ تي آهي. ٻئي طرف پي ڊي ايم جي جلسي کي اڳوڻي وزيراعظم پرويز اشرف، اختر مينگل ۽ محمود خان اچڪزئي سميت ٻين اڳواڻن به خطاب ڪيو ۽ پنهنجي تقريرن ۾ وفاقي حڪومت کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو