مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ڪراچي سميت سنڌ ۾ اڄ کان تيز برساتن جو امڪان

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

ڪراچي ۾ اڄ کان خميس تائين تيز هوائن سان گڏ برساتن جو امڪان آهي، جنهن سبب ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ ٻوڏ جهڙي صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي. تفصيلن مطابق ڪراچي ۾ مون سون برسات جي ڇهين اسپيل جو دورانيو وڌي ويو. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته اڄ کان خميس تائين تيز هوائن سان گڏ تيز برسات جو امڪان آهي. موسم جو حال ٻڌائڻ وارا چون ٿا ته ڪراچي ۾ 25 آگسٽ تي گجگوڙ سان طوفاني برسات ٿي سگهي ٿي. ڪراچي سميت سنڌ ۾ 150 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪرڻ جو امڪان آهي. ڪراچي شهر سميت سڄي سنڌ ۾ اربن فلڊنگ جو خدشو آهي. صبح جي وقت ڪراچي شهر جو گرمي پد 30 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو، جڏهن ته هوا ۾ پاڻياٺ جو تناسب 52 سيڪڙو هو. ذريعن مطابق ڪراچي ۾ گذريل ڏينهن پوندڙ برسات سبب سرجاڻي ٽائون سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو، سرجاڻي جي علائقي يوسف ڳوٺ ۾ 48 ڪلاڪن کانپوءِ به نيڪالي نه ٿي سگهي، علائقي جي رهواسين تي اڄ کان خميس تائين وڌيڪ برسات جي اڳڪٿي بجلي بڻجي ڪري. علائقي جي رهواسين جو چوڻ آهي ته ضلعي انتظاميه طرفان ڪي به حفاظتي انتظام نه ڪيا ويا، گهرن ۾ پاڻي داخل ٿيڻ سبب اڳ ئي ڪافي نقصان ٿي چڪو آهي. ضلعي انتظاميه ممڪنه برسات کان اڳ حفاظتي انتظام ڪري.

 

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو