مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ڪراچي جي مسئلن جي حل لاءِ ٽن وڏين سياسي جماعتن جي ويهڪ

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

ڪراچي جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ شهر جي ٽن وڏين سياسي جماعتن جي اسلام آباد ۽ ڪراچي ۾ ٻه اهم ملاقاتون ٿيون آهن. پيپلز پارٽي، تحريڪ انصاف ۽ ايم ڪيو ايم انهن ملاقاتن ۾ اتفاق ڪيو ويو آهي ته ڪراچي جي مسئلن جي حل لاءِ هڪ مشاورتي ڪميٽي ۽ هڪ رابطا ڪميٽي ٺاهي ويندي. ذريعن مطابق ملاقاتون پيپلز پارٽي، تحريڪ انصاف ۽ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي وچ ۾ ٿيون آهن، ملاقاتن ۾ ڪراچي جي مسئلن جي حل لاءِ ايڊوائزري ڪميٽي ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. انهن ملاقاتن ۾ گورنر سنڌ عمران اسماعيل، وزيراعليٰ سنڌ مراد علي شاهه ۽ ميئر ڪراچي وسيم اختر به شريڪ ٿيا. ان حوالي سان ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سينئر ڊپٽي ڪنوينر عامر خان پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته مقامي ماڻهن کي مڪمل اختيار ڏيڻ بنا ڪراچي جي مسئلن جو حل ممڪن نه آهي. هن چيو ته ڪراچي سميت سڄي ملڪ ۾ نون صوبن جو قيام عمل ۾ آندو وڃي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو