مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ڪراچي برسات: مختلف علائقن ۾ ڇتيون ڪرڻ سبب چئن ٻارن سميت 9 ڄڻا فوت.

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

ڪراچي ۾ برسات جي نتيجي ۾ ڇتيون ۽ ڀتيون ڪرڻ سبب چئن ٻارن سميت 9 ڄڻا فوت ٿي ويا. رپورٽ موجب ڪراچي ۾ چوماسي جي پهرين برسات ئي انتظاميه جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا. ڪورنگي، ابراهيم حيدري ۾ ٻن مختلف هنڌن تي ڀتيون ۽ ڇتيون ڪرڻ سبب 3 مزدور ۽ 2 معصوم ٻار فوت ٿي ويا. ملير شمسي سوسائٽي جي ويجهو گهر جي ڀت ڪرڻ سبب 3 سالن جي ٻارڙي عيشا فوت ٿي وئي. طوفاني هوائن سبب آرٽس ڪائونسل، چورنگي ۽ ٻين هنڌن تي ڪيترائي وڻ ڪري پيا. پاڪستان جي معاشي حب ڪراچي ۾ برسات جي پهرين بوند پوڻ کانپوءِ بجلي جو نظام درهم برهم ٿي ويو. برسات سبب نڪاسي آب جو نظام به مفلوج ٿيڻ جا امڪان پيدا ٿي ويا آهن. برسات پوڻ سبب ڪراچي ۾ 200 کان وڌيڪ فيڊر ٽرپ ٿي ويا جنهن سبب ڪيترن ئي علائقن کي بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي آهي. ڪراچي ۾ 200 کان وڌيڪ فيڊر ٽرپ ٿيڻ سبب نيو ڪراچي، نارٿ ڪراچي، لياقت آباد، اورنگي ٽائون، لياري، بلديه، ڪياماڙي، ڪورنگي ۽ لانڍي جي علائقن ۾ بجلي جي فراهمي سخت متاثر ٿي آهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو