مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ڄامشورو ۽ ڀرپاسي وارن علائقن جي اسڪولن تي سيڪريٽري تعليم جا اوچتو ڇاپا

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

ڄامشورو ۽ ڀرپاسي وارن علائقن جي اسڪولن تي سيڪريٽري تعليم جا اوچتو ڇاپا. ڪورونا وائرس جي بچاءُ لاءِ ايس او پيز تي سختي سان عملدرآمد جون هدايتون جاري. خبر موجب ڪورونا وائرس جي ڪري مسلسل 7 مهينن کان بند اسڪول سنڌ حڪومت طرفان جوڙيل ايس او پيز تحت کلڻ کانپوءِ لاڳاپيل آفيسرن طرفان ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪرايو پيو وڃي. ان سلسلي ۾ تعليم کاتي جي سيڪريٽري احمد بخش ناريجو ڄامشورو جي مختلف اسڪولن تي ڇاپا هڻي جاچ پڙتال ڪئي، ڄامشورو شهر جي گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول تي ڇاپو هنيو ته انتظاميه ۽ استادن ۾ ٻڙڌڪ پئجي ويو، ڇاپي دوران سيڪريٽري تعليم احمد بخش ناريجو ڪلاسن جو جائزو ورتو ۽ جتي استادن ۽ شاگردن کي پاتل ماسڪ ۽ سماجي وٿي رکڻ وارن انتظامن تي سيڪريٽري تعليم احمد بخش ناريجو اطمينان جو اظهار ڪيو.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو