مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ٿي سگهي ٿو حالتون وڌيڪ خراب ٿيڻ تي لاڪ ڊائون لڳائڻو پوي: سعيد غني

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

سنڌ جي تعليم واري وزير سعيد غني ڪورونا ڪيس وڌڻ کي نظر ۾ رکندي هڪ دفعو ٻيهر لاڪ ڊائون جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي. نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي سعيد غني چيو ته پشاور ۽ پنجاب جي ڪجهه شهرن ۾  اسڪولن جون موڪلون ڏنيون ويون آهن جڏهن ته بهار جي موسم جون موڪلون سنڌ ۾ ناهن ٿينديون. هن چيو ته سموري ملڪ ۾ صرف ڏهن ٻارنهن شهرن ۾ ڪورونا ڪيسن جي شرح ۾ واڌ ٿي آهي جڏهن ته ٿي سگهي ٿو ته حالتون وڌيڪ خراب ٿيڻ تي لاڪ ڊائون تي عمل ڪرڻو پوي. سعيد غني چيو ته شفقت محمود 100 سيڪڙو اسڪول کولڻ جو چيو هو ته اسان ان فيصلي جي مخالفت ڪئي هئي. اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته ٻارن جي تعليمي نقصان کي پورو ڪيو وڃي ۽ اسان جي ڪوشش هوندي ته ٻارن جا امتحان وقت تي ٿين. ڇو ته جيڪڏهن ٻارن جي تعليمي سلسلي کي بريڪ ڪيو ته ٻيهر گهڻو وقت لڳي سگهي ٿو.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو