مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

پي ڊي ايم جو اجلاس، ٻارنهن نقاطي ”ميثاق پاڪستان“ تي اتفاق

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

اپوزيشن اتحاد پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) جي سربراهه اجلاس ۾ 12 نقاطي “ميثاق پاڪستان” تي اتفاق ڪيو ويو. اپوزيشن اتحاد جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جي صدارت هيٺ سربراهي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو ۽ بلوچستان نيشنل پارٽي (مينگل) جي سربراهه اختر مينگل وڊيو لنڪ ذريعي شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ مريم نواز به شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ملڪي سياسي ۽ معاشي صورتحال ۽ هاڻوڪي گلگت بلتستان چونڊن جو جائزو ورتو ويو، جڏهن ته چارٽر آف پاڪستان تي به صلاح مشورو ڪيو ويو. اپوزيشن اتحاد جي پڌرائي موجب سربراهه اجلاس ۾ 12 نقاطي ميثاق پاڪستان تي اتفاق ڪيو ويو، جنهن موجب وفاقي، اسلامي، جمهوري، پارلياماني آئين پاڪستان جي بالادستي ۽ عملداري ۽ پارليامينٽ جي خود مختياري يقيني هجي. پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته سياست مان اسٽيبلشمينٽ ۽ انٽيليجنس ادارن جي ڪردار جو خاتمو ۽ آزاد عدليا جو قيام يقيني بڻايو وڃي، جڏهن ته آزادانه، غير جانبدارانه ۽ منصفاڻا چونڊن لاءِ سڌارا ۽ انعقاد شامل آهي. ميثاق جمهوريت ۾ عوام جي بنيادي انساني ۽ جمهوري حقن جو تحفظ، صوبن جي حقن ۽ 18 هين ترميم جو تحفظ، مقامي حڪومتن جو موثر نظام، اظهار راءِ ۽ ميڊيا جي آزادي جو دفاع، انتها پسندي ۽ دهشتگردي جو خاتمو ۽ نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد جا نقطا شامل آهن. پڌرائي موجب مهانگائي، بيروزگاري ۽ غربت جي خاتمي لاءِ هنگامي معاشي پلان جڏهن ته آئين جي اسلامي شقن جو تحفظ ۽ عمل درآمد به نقطن ۾ شامل آهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو