مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

پي آءِ اي ٽڪيٽ مقرر قيمت کان گهٽ قيمت ۾ وڪرو.

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائنز (پي آءِ اي) جون ٽڪيٽون مقرر قيمت کان گهٽ قيمت ۾ وڪري جون ٺڳيون منظر عام تي آيون آهن. پي آءِ اي سيڪيورٽي ۽ ويجيلنس کي شڪايت ملي ته سيالڪوٽ ۾ سيلز آفيس مقرر ڪيل قيمت کان هيٺ ٽڪيٽون وڪرو ڪندي پي آءِ اي کي 62 لک رپين جو نقصان پهچايو آهي. پي آءِ اي سيڪيورٽي ۽ ويجيلنس پي آءِ اي سيلز آفيس سيالڪوٽ ۾ ٿيندڙ ٺڳين کي پڪڙڻ لاءِ ڪارروائي ڪئي ۽ جعل سازي لاءِ جاري ڪيل ٽڪيٽون منسوخ ڪيون. ذريعن موجب سيالڪوٽ ۾ پي آءِ اي جي ضلعي مئنيجر عاصم امتياز خلاف جاچ شروع ڪئي وئي آهي. ذريعن ٻڌايو آهي ته لاڪ ڊائون دوران پي آءِ اي خاص پروازن جي ٽڪيٽن جي قيمتن ۾ واڌ ڪئي جڏهن ته لاڪ ڊائون کانپوءِ گهٽ قيمتن واريون ٽڪيٽون منسوخ ڪيون ويون، پر پي آءِ اي سيالڪوٽ عملي مبينا طور تي رشوت ورتي ۽ ساڳي قيمت تي 48 مسافرن کي ٽڪيٽون جاري ڪيون، سيالڪوٽ کان ميلان، بارسلونا ۽ ٻين ملڪن جي طئي ٿيل پروازن لاءِ ٽڪيٽون بُڪ ڪيون ويون.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو