مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

پي آءِ اي جهاز حادثي جي رپورٽ قومي اسيمبلي ۾ پيش.

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

 وفاقي وزير غلام سرور خان پي آءِ اي جهاز حادثي جي رپورٽ قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪري ڇڏي. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ وفاقي وزير غلام سرور خان پي آءِ اي جهاز حادثي واري رپورٽ پيش ڪندي چيو آهي ته صاف شفاف ۽ اڻ ڌري جاچ ٿي رهي آهي ۽ ان جي عبوري رپورٽ اڄ ايوان ۾ پيش ڪري رهيا آهيون. مڪمل رپورٽ به هن ايوان جي سامهون پيش ڪئي ويندي. جنهن ۾ سمورا سبب ۽ معاوضي جا تفصيل شامل هوندا. غلام سرور خان چيو ته بدقسمتي سان هي پهريون واقعو ناهي. 72 سالن ۾ جهازن جي حادثن جا 12 واقعا ٿي چڪا آهن ۽ انهن 12 واقعن جي فوري طور تي جاچ نه ٿي سگهي. نه ئي وري رپورٽ سامهون آهي، جڏهن ته ذميوارن کي سزا به نه ملي سگهي. اڄ تائين عوام ۽ فوت ٿي ويلن جي وارثن کي اها به خبر نه پئجي سگهي ته ان واقعن جو ذميوار ڪير آهي. غلام سرور خان چيو ته جهاز حادثي ۾ 97 ڄڻا شهيد ٿيا. ان ئي رات هڪ ٽيم جوڙي وئي. ان رات هي بورڊ ڪراچي پهتو ۽ ان پنهنجي جاچ جي شروعات ڪئي. جاچ بورڊ ذميواري سان پنهنجا فرض ادا ڪيا. غلام سرور خان چيو ته 29 گهر هن حادثي ۾ مڪمل تباهه ٿيا جن جو ازالو به ڪيو ويندو. متاثر ماڻهن کي متبادل رهائش گاهون به فراهم ڪيون وينديون. جيڪي ماڻهو فوت ٿيا ان ۾ 19 ماڻهن کي في ماڻهو 10 لک رپيه ڏنا ويا آهن. هڪ گهر جي ٻارڙي به فوت ٿي ان کي به معاوضو ڏنو ويو آهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو