مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

پيپلز پارٽي جو اهو ئي فيصلو هوندو جيڪو پي ڊي ايم جي پليٽ فارم تي ڪيو ويندو: آصف زرداري

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري اپوزيشن اتحاد پاڪستان ڊيمو ڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) اجلاس ۾ چيو آهي ته پيپلز پارٽي جو اهو ئي فيصلو هوندو جيڪو پي ڊي ايم جي پليٽ فارم تي ڪيو ويندو. اپوزيشن اتحاد پي ڊي ايم جو اهم اجلاس مولانا فضل الرحمان جي سربراهي ۾ ٿيو، جنهن ۾ اڳوڻي وزيراعظم ۽ مسلم ليگ (ن) جي قائد نواز شريف، اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو وڊيو لنڪ ذريعي شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ بلوچستان نيشنل پارٽي (بي اين پي) مينگل جي سربراهه اختر مينگل به شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ملڪي معاشي ۽ سياسي صورتحال جو جائزو ورتو ويو ۽ ڪيترائي اهم فيصلا ڪيا ويا. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته اپوزيشن جماعتون جلسن جو سلسلو جاري رکنديون. 22 نومبر تي پشاور، 30 نومبر تي ملتان ۽ 13 ڊسمبر تي لاهور ۾ جلسا ٿيندا. ٻئي طرف اجلاس ۾ نواز شريف جي موقف تي گهڻو بحث ٿيو. ان موقعي تي آصف علي زرداري چيو ته پيپلز پارٽي جو اهو ئي فيصلو هوندو جيڪو پي ڊي ايم جي پليٽ فارم تان ڪيو ويندو.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو