مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ ويهه مريض حياتيون وڃائي ويٺا

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 20 فوتگيون رپورٽ ٿيون آهن جنهن کانپوءِ فوت ٿي ويلن جو گڏيل انگ 6 هزار 943 ٿي ويو آهي. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر موجب سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جا هڪ هزار 502 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا ۽ متاثر ماڻهن جو گڏيل انگ 3 لک 41 هزار 753 تائين پهچي ويو آهي. ملڪ ۾ ڪورونا جا 3 لک 17 هزار 898 مريض صحتياب ٿي ويا آهن ۽ 18 هزار 912 علاج هيٺ آهن. اسلام آباد ۾ ڪورونا ڪيسن جو انگ 21 هزار 302 ٿي ويو آهي. پنجاب هڪ لک 6 هزار 208، سنڌ ۾ هڪ لک 48 هزار، 922، خيبر پختونخواهه ۾ 40 هزار 285، بلوچستان ۾ 16 هزار 41، گلگت بلتستان ۾ 4 هزار 343 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 4 هزار 652 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. ڪورونا وائرس سبب پنجاب ۾ 2 هزار 399 ۽ سنڌ ۾ 2 هزار 667 فوتگيون رپورٽ ٿي چڪيون آهن. خيبر پختونخواهه  ۾ فوتين جو انگ هڪ هزار 288، اسلام آباد ۾ 236، بلوچستان ۾ 153، گلگت بلتستان ۾ 93 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 107 ٿي ويو آهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو