مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

پارڪ لين ريفرنس جي آصف زرداري تي اڄ تائين فرد جرم عائد نه ٿي سگهي آهي.

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو
اسلام آباد پارڪ لين ريفرنس ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ انور مجيد ۽ ٻين جوابدارن تي فرد جرم هڪ ڀيرو ٻيهر ملتوي ڪئي وئي. اسلام آباد جي احتساب عدالت جي جج اعظم خان پارڪ لين ريفرنس جي ٻڌڻي ڪئي جنهن ۾ آصف زرداري جو وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ اڳوڻي صدر کي به وڊيو لنڪ ذريعي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. ان موقعي تي آصف زرداري جي وڪيل فاروق نائيڪ اڳوڻي صدر کي چارج نه ڏيڻ جي لاءِ درخواست داخل ڪئي، جنهن تي عدالت هڪ ڀيرو ٻيهر زرداري کي فرد جرم عائد ڪرڻ جي ڪارروائي ملتوي ڪري ڇڏي. جڏهن ته ايندڙ ٻڌڻي تي آصف زرداري جي متفرق درخواست نيب طرفان جواب داخل ڪرايو ويندو. فاروق نائيڪ جي درخواست تي جج اعظم خان چيو ته توهان کي درخواست اڳ ۾ ئي داخل ڪرائڻ گهرجي ها، هاڻ فرد جرم جي ويڊيو لنڪ جا انتظام مڪمل ٿي چڪا آهن. فاروق نائيڪ جي درخواست تي ڊپٽي نيب پراسيڪيوٽر سردار مظفر عباسي چيو ته توهان کي هن درخواست تي اسان کي نوٽيس جاري ڪرڻ گهرجي ها، اسين اڄ اڌ ڪلاڪ ۾ بحث ڪنداسين. آصف زرداري جي وڪيل چيو ته ان ڪيس ۾ پراسيڪيوٽر کي ڪهڙي تڪڙ آهي؟ ان کانسواءِ ٻيا ڪيترائي ڪيس آھن، ھن ڪيس ۾ جلدي ڇو پيا ڪريو؟ اسان کي مناسب وقت ڏنو وڃي، هڪ مهيني تائين اسٽي آرڊر لاءِ نه چيو آهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو