مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ٻيٽن جي معاملي تي سنڌ حڪومت جا خدشا ختم ڪنداسين: عمران اسماعيل

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل چيو آهي ته وفاقي حڪومت ٻيٽن جي بهتري لاءِ ڪم ڪري رهي آهي، آمدني سنڌ حڪومت کي ملندي، ٻيٽن جي منصوبي تي سنڌ حڪومت جا خدشا ختم ڪنداسين. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عمران اسماعيل چيو ته جيڪڏهن سنڌ حڪومت جي آرڊيننس تي خدشا آهن ته ختم ڪنداسين، وفاقي حڪومت ڪو منصوبو زبردستي شروع نه ڪندي، وزيراعظم عمران خان ڪڏهن ماحوليات کي نقصان نٿو پهچائي سگهي. هن چيو ته منصوبو سنڌ حڪومت سان گڏجي مڪمل ڪنداسين، سنڌ حڪومت جا خدشا ختم ڪرڻ کانسواءِ منصوبو شروع نه ٿيندو، هي اهو منصوبو هوندو، جنهن سان دنيا جي بهترين ٻيٽن جو مقابلو ڪري سگهنداسين، انهن ٻيٽن سان سنڌ ۾ سياحت کي هٿي ملندي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو