مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

وزير خارجه شاهه محمود پاران شهباز شريف ۽ بلاول کي مهرباني جا خط

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

وزير خارجه شاهه محمود قريشي ايف اي ٽي ايف ۽ ڪشمير سان متعلق اجلاس ۾ شرڪت تي اپوزيشن ليڊر شهباز شريف ۽ بلاول کي مهرباني جا خط موڪليا. وزير خارجه شاهه محمود قريشي خط ۾ چيو ته پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ حڪومتي ۽ اپوزيشن جماعتن جي بالغ نظري قابل تحسين آهي، آئون اپوزيشن جي مثبت رويي جي تعريف فلور آف دي هائوس تي به ڪري چڪو آهيان، حڪومت ۽ اپوزيشن وري ثابت ڪيو ته قومي مفادن ۾ سمورين سياسي جماعتن جو موقف هڪ آهي. وزير خارجه خط ۾ لکيو ته مقبوضه ڪشمير ۾ ڀارت جي 5 آگسٽ 2019 تي غير آئيني قدمن کي متفقه طور تي رد ڪيو ويو، مقبوضه ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين کي دنيا جي هر فورم تي کنيو جڏهن ته گذريل هڪ سال ۾ اقوام متحده سيڪيورٽي ڪونسل ۾ ڪشمير کي ٽي ڀيرا بحث هيٺ آندو ويو. شاهه محمود قريشي لکيو ته 55 سالن  کانپوءِ ڪشمير جي مسئلي تي سيڪيورٽي ڪونسل ۾ مباحثو ٿيو، ڪشمير سميت اهم قومي معاملن تي اسين اپوزيشن کي گڏ وٺي هلڻ جي خواهش رکون ٿا، اپوزيشن جي قابل عمل تجويزن کي هميشه اهميت ڏيندا رهنداسين. هن خط ۾ وڌيڪ لکيو ته هو ڪشمير پاليسي تي آئنده حڪمت عملي جوڙڻ لاءِ به سندن مثبت تجويزن جو منتظر رهندو.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو