مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

وزيراعظم جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اهم اجلاس اڄ ٿيندو

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس اڄ ٿيندو جنهن ۾ ملڪ جي سياسي، معاشي ۽ سلامتي جي صورتحال جو جائزو ورتو ويندو. وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ آل پارٽيز ڪانفرنس جي حڪومت مخالف فيصلن جو جائزو ورتو ويندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ نواز شريف جي سياسي سرگرمين ۽ اي پي سي ۾ وڊيو لنڪ خطاب جو قانوني جائزو ورتو ويندو ۽ ڪابينا آل پارٽيز ڪانفرنس جي حڪومت جي خلاف تحريڪ کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙيندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي ڪابينا سياسي رهنمائن جي نيب ڪيسن ۽ انهن جي پيش رفت تي به غور ڪندي. تعليم وارو وفاقي وزير شفقت محمود ۽ خاص مددگار صحت ڊاڪٽر فيصل سلطان ڪورونا بابت بريفنگ ڏيندا. جڏهن ته ملڪ ۾ مهانگائي جي صورتحال، اٽي ۽ کنڊ جي قيمتن تي به بريفنگ ڏني ويندي. وفاقي ڪابينا جي اڄ ٿيندڙ اجلاس جو 14 نقاطي ايجنڊا به جاري ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ اسلام آباد ۾ ماڊل جيل جي تعمير لاءِ ماسٽر پلان ۾ مجوزه تبديلي ايجنڊا ۾ شامل آهي. بجلي جي ترسيل متعلق ٽربيونل ۽ ميمبر جي مقرري به ڪابينا جي اجلاس جي ايجنڊا ۾ شامل آهي. ان کان علاوه وفاقي ڪابينا ماحولياتي تحفظ ايڪٽ تحت انوائرمينٽل ٽربيونل اسلام آباد جي چيئرمين جي مقرري ۽ پاڪستان آئلينڊز ڊولپمينٽ اٿارٽي جي ايڪٽنگ چيئرمين جي مقرري جي قائدن ۽ قانونن جي منظوري به ڏني ويندي. ڪابينا قومي صحت واري وزارت جو دوائن جي ڇوٽ جو جائزو به وٺندي ۽ هڪ انجيڪشن سميت ٻين ڪجهه دوائن جي رٽيل پرائس مقرر ڪندي.  وفاقي ڪابينا اوگرا ۾ ميمبر تيل جي مقرري جي به منظوري ڏيندي. اجلاس ۾ وزارت خارجه ۽ انٽرنيشنل سينٽر فار مائيگريشن پاليسي ڊولپمينٽ جي وچ ۾ معاهدي جي منظوري ڏني ويندي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو