مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

وزيراعظم جي خصوصي معاون شهباز گل جي پ پ حڪومت تي ٻيٽن جي معاملن ۾ سخت تنقيد

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

وزيراعظم جي خاص مددگار شهباز گل چيو آهي ته سنڌ جي عوام کي خبر آ اصل نااهل ڪير آهي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي پريس ڪانفرنس تي رد عمل ڏيندي شهباز گل چيو ته ڪيترن ئي ڏهاڪن کان سنڌ تي چور مڙهيل آهن، پ پ نااهل هجڻ سان گڏوگڏ ڪرپٽ به آهي. هن چيو وزيراعظم جو نظريو آهي ته پاڪستان ۾ سياحت کي هٿي ملي، ڀنڊار ٻيٽ جي معاملي کي سدائين سياست جي ور چاڙهيو ويو آهي، ڪورونا، ٻوڏ ۽ ڪراچي جي ڪچري سميت هر معاملي تي پ پ سياست ڪئي. سندس چوڻ هو ته پ پ قسم کنيو آهي ته ملڪي ترقي جو ڪم نه پاڻ ڪنداسين ۽ نه ٻين کي ڪرڻ ڏينداسين، پ پ جو ٻن سالن ۾ ملڪي مفاد لاءِ ڪنهن به قانون سازي ۾ ڪردار ٻڙي آهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو