مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

وزيراعظم جو سنڌ جي دوري دوران سنڌ جي مسئلن کان لاتعلقي

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڪراچي ۾ ڪورونا وائرس جو پهريون ڪيس اچڻ جي 6 مهينن کانپوءِ سليڪٽڊ وزيراعظم سنڌ جو دورو ڪيو. ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سليڪٽڊ وزيراعظم جو سنڌ وارو دورو صرف عوام جي ڦٽن تي لوڻ هارڻ جي لاءِ هو. سليڪٽڊ وزيراعظم فاقا ڪشي ۽ وبا کان بچاءُ لاءِ ڪجهه به ڪرڻ کي رد ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته وفاقي بجيٽ ۾ وبا دوران سنڌ جي 229 ارب رپين تي ڌاڙو هنيو ويو. بجيٽ دٻاءُ جو شڪار ۽ اسان جي صحت واري کاتي جي حق ۾ نه هو. سليڪٽڊ وزيراعظم اسان جي هارين کي ماڪڙ ۽ معاشي تباهي جي رحم ڪرم تي ڇڏي ڏنو آهي. بلاول ڀٽو چيو ته وفاقي بجيٽ ۾ بينظير انڪم سپورٽ پورگرام تحت غريبن جي امداد گهٽ ڪئي وئي. سليڪٽڊ وزيراعظم اسٽيل ملز جي 10 هزار ملازمن کي ڪڍڻ جو فيصلو ڪيو، پر ڊيم جي تعمير لاءِ 80 ارب رپيا ڳولي ورتا. پ پ چيئرمين وڌيڪ چيو ته عمران خان سنڌ ۾ ڪورونا جي خلاف جدوجهد ڪندڙن سان ملاقات کان انڪار ڪيو. پنهنجو سڀ ڪجهه داءُ تي لڳائي اسان جون حياتيون بچائيندڙ ڊاڪٽر ۽ سنڌ ۾ ٽيم جي اڳواڻي ڪندڙ وڏي وزير سان عمران خان ملاقات کان انڪار ڪيو.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو