مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

مون تي ڪنهن روح جو سايو آهي: شيخ رشيد جو انڪشاف

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

ريلوي واري وزير شيخ رشيد انڪشاف ڪيو آهي ته مٿس روح جو سايو آهي. ريلوي واري وزير شيخ رشيد جي ڪتاب لال حويلي کان اقوام متحده تائين ڪتاب رونمائي جي تقريب ۾ مقررين شيخ رشيد جي سياسي صلاحيتن کي دل سان ساراهيو. ان موقعي تي گورنر پنجاب چوڌري سرور چيو ته شيخ رشيد 40 سال اڳ منهنجي پاڪستاني سياست ۾ اچڻ جي پيشنگوئي ڪئي هئي جيڪا سچ ثابت ٿي، پر جڏهن کان پاڪستان آيو آهيان ته دل ڪمزور ٿي ويو آهي. ڪتاب جي مصنف شيخ رشيد چيو ته ماڻهو منهنجي اڳڪٿين جو مذاق اڏائين ٿا، اڄ انڪشاف ڪري رهيو آهيان ته مون مٿان ڪنهن روح جو سايو آهي. تقريب کي قانون واري صوبائي وزير بشارت راجا سميت ٻين خطاب ڪيو ۽ شيخ رشيد جي سياسي جدوجهد کي خراج تحسين پيش ڪيو.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو